شڪارپور ۾ شتر واري درٻار

شڪارپور ۾ شتر واري درٻار

شتر واري درٻار

شتر واري درٻار: هيءُ درٻار شڪارپور ضلعي جي يونين ڪائونسل 4 جي خانپوري گيٽ لائن ۾ واقع آهي. هي عمارت ورهاڱي کان اڳ هندن جي تعمير ڪرايل ٿي ڏسجي. وسيع ۽ ڪشادي ٺهيل آهي. درٻار ٻين گهرو عمارتن جي وچ ۾ آهي. هي مندر/ درٻار سان گڏ رهائشي حويلي پڻ آهي. هندن جي رهائش وقت هن درٻار جي هيٺينءَ حصي ۾ رهائشي ڪمرن سان گڏ هڪ وڏو مندر به هو، جڏهن ته مٿيون حصو (ٻي منزل) مڪمل طور رهائش تي مشتمل هو. هن وقت سموري عمارت مقامي ماڻهن جي رهائش هيٺ آهي. هيءُ عمارت، پڪين سرن سان تعمير ٿيل آهي. عمارت جو صرف اندريون حصو پلستر ٿيل آهي. وقت سان گڏ اندرئين حصي جي چوڌاري ڏنل ڪمرن اڳيان بالڪوني ڇڏيل آهي. عمارت جي انفرادي خوبين ۾ ڪنگڻي، اڀريل گلڪاري، وسيع اڱڻ، عمارتي ڪاٺ جا ٺهيل ونگاوان در ۽ دريون اهم آهن. مکيه در مٿڀيرو هئڻ ڪري اندر داخل ٿيڻ لاءِ 4-3 ڏاڪا ٺهيل آهن. مکيه لنگهه جي مٿئين حصي ۾ سيمنٽ جي ٺهيل جهالر نصب ٿيل آهي ۽ دروازو اندرين طرف آهي، هن وقت عمارت جو صرف اڌ حصو سارسنڀال ۾ آهي، جڏهن ته ٻيو اڌ حصو چڱي حالت ۾ نه آهي، جيڪو ٻئي درجي جي نازڪ حالت ۾ هئڻ ڪري ڊهي به سگهي ٿو. هن وقت عمارت اندر ڪافي تبديليون ۽ اضافا ڪيا ويا آهن، مگر عمارت جو بنيادي ڍانچو ساڳيو اڳ وارو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو